ابراهيم خليل

ابراهيم ’خليل‘: مخدوم ابراهيم ’خليل‘ بن مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان خليل‘، ’مڪاتيب‘ ۽ ’تڪمله مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.


لفظ ابراهيم خليلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ 1899ع ۾ وفات ڪئي.


1827.00.00  عيسوي

مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ بن مخدوم عبدالڪريم ، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسحاق راهي
سلطان علي شاهه
نظر علي فقير زنگيجو
سائينداد ساند
ضياء خياروي
سونو خان ملاح:
چيٽرجي بنڪم چندر
اقبال شاهين
احمد شاڪر
ثنائي مشهدي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون